4 يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي.
5 عيسيٰ نھاري ڏٺو تہ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏانھس اچي رھيو آھي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين ھيترن ماڻھن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“
6 ھن اھو رڳو فلپس کي آزمائڻ لاءِ چيو، پر کيس اڳي ئي خبر ھئي تہ ڇا ڪرڻو آھي.
7 تنھن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏھن ھرھڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انھن لاءِ ٻہ سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“
8 پوءِ اندرياس نالي ھڪ ٻي شاگرد، جيڪو شمعون پطرس جو ڀاءُ ھو تنھن چيو تہ
9 ”ھتي ھڪ ڇوڪرو آھي، جنھن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آھن. پر ڇا اھي ھنن سڀني ماڻھن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“
10 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ماڻھن کي ھيٺ ويھاريو.“ اتي گھڻو گاھہ ھو، سو سڀيئي ماڻھو ھيٺ ويھي رھيا. اھي اٽڪل پنج ھزار مرد ھئا.