58 ھيءَ اھا ماني آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. ھيءَ ماني اھڙي نہ آھي جھڙي اوھان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا، پر جيڪو ھيءَ ماني کائيندو سو ھميشہ زندہ رھندو.“
59 ھي ڳالھيون ھن ڪفرناحوم جي عبادتخاني ۾ تعليم ڏيندي ٻڌايون ھيون.
60 ڪيترن ئي شاگردن اھو ٻڌو ۽ چيائون تہ ”ھيءَ ڳالھہ ڏاڍي ڏکي آھي. اھا ڪير ٻڌي سگھندو؟“
61 عيسيٰ پاڻ سمجھي ويو تہ سندس شاگرد ھن ڳالھہ تي ڪُرڪي رھيا آھن، تنھنڪري انھن کي چيائين تہ ”ھيءَ ڳالھہ اوھان کي گمراھہ ٿي ڪري ڇا؟
62 ڀلا جيڪڏھن اوھين ابنآدم کي آسمان ڏانھن وري چڙھندي ڏسو جتي ھو اڳي ئي ھو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟
63 زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آھي، انساني جسم ڪابہ شيءِ ڪانھي. ھي ڳالھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون آھن سي روح بہ آھن ۽ زندگي بہ.
64 تڏھن بہ اوھان مان ڪيترا ئي ايمان نہ ٿا آڻين.“ جيئن تہ عيسيٰ شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪھڙا ڪھڙا ايمان نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو.