68 شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوھان کي ڇڏي ڪنھن ڏانھن وينداسون؟ اوھان وٽ اھي ڳالھيون آھن جن ۾ دائمي زندگي آھي.
69 اسين تہ ايمان آڻي چڪا آھيون ۽ ڄاڻيون ٿا تہ اوھين ئي خدا جي طرفان پاڪ ھستي آھيو.“
70 عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا مون اوھان ٻارھن کي نہ چونڊيو آھي؟ تڏھن بہ اوھان ۾ ھڪڙو شيطان آھي.“
71 ھو يھوداہ بابت ڳالھائي رھيو ھو، جيڪو شمعون اسڪريوتيءَ جو پٽ ھو، ڇالاءِجو يھوداہ ٻارھن شاگردن مان ھوندي بہ اڳتي ھلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو ھو.