يوحنا 7:22-28 SCLNT

22 موسيٰ اوھان کي طھر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي، پر حقيقت ۾ اھو موسيٰ جي طرفان نہ بلڪ اوھان جي ابن ڏاڏن جي طرفان آھي. تنھنڪري اوھين سبت جي ڏينھن تي بہ پنھنجن ٻارن جا طھر ڪرائيندا آھيو.

23 جيڪڏھن سبت جي ڏينھن تي ڪنھن ڇوڪري جي طھر ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جي ڀڃڪڙي نہ ٿي ٿئي، تہ پوءِ اوھين مون تي ڇو ڪاوڙيا آھيو جو مون ھڪڙي ماڻھوءَ کي سبت جي ڏينھن تي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي؟

24 منھن ڏسي انصاف نہ ڪريو، پر پورو پورو انصاف ڪريو.“

25 انھيءَ مھل يروشلم جا ڪي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي اھو ماڻھو تہ نہ آھي جنھن کي ھو مارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن؟

26 ڏسو، ھو تہ کُلي عام ڳالھائي رھيو آھي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا حاڪم سچ⁠پچ اھو سمجھن ٿا تہ ھو مسيح آھي؟

27 پر جڏھن مسيح ايندو تہ ڪنھن کي بہ خبر نہ پوندي تہ ھو ڪٿان آيو آھي ۽ اسان سڀني کي خبر آھي تہ ھيءُ شخص ڪٿان آيو آھي.“

28 پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”اوھين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان. آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان نہ آيو آھيان، بلڪ انھيءَ وٽان موڪليو ويو آھيان جيڪو سچو آھي پر اوھين کيس نہ ٿا سڃاڻو.