يوحنا 7:26-32 SCLNT

26 ڏسو، ھو تہ کُلي عام ڳالھائي رھيو آھي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا حاڪم سچ⁠پچ اھو سمجھن ٿا تہ ھو مسيح آھي؟

27 پر جڏھن مسيح ايندو تہ ڪنھن کي بہ خبر نہ پوندي تہ ھو ڪٿان آيو آھي ۽ اسان سڀني کي خبر آھي تہ ھيءُ شخص ڪٿان آيو آھي.“

28 پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”اوھين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان. آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان نہ آيو آھيان، بلڪ انھيءَ وٽان موڪليو ويو آھيان جيڪو سچو آھي پر اوھين کيس نہ ٿا سڃاڻو.

29 مگر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ وٽانئس آيو آھيان ۽ ھن ئي مون کي موڪليو آھي.“

30 تنھن تي انھن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جو وقت اڃا ڪونہ آيو ھو.

31 انھن ماڻھن مان ڪيترن ئي مٿس ايمان آندو ۽ چوڻ لڳا تہ ”جڏھن مسيح ايندو تہ اھو ھن کان وڌيڪ معجزا ڪندو ڇا؟“

32 فريسين ٻڌو تہ ماڻھو عيسيٰ بابت ھنن ڳالھين جي سس⁠پس ڪري رھيا آھن، تنھنڪري انھن ۽ سردار ڪاھنن ڪي پھريدار موڪليا تہ جيئن ھو کيس پڪڙين.