29 مگر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻتہ آءٌ وٽانئس آيو آھيان ۽ ھن ئي مون کي موڪليو آھي.“
30 تنھن تي انھن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو، ڇالاءِجو ھن جو وقت اڃا ڪونہ آيو ھو.
31 انھن ماڻھن مان ڪيترن ئي مٿس ايمان آندو ۽ چوڻ لڳا تہ ”جڏھن مسيح ايندو تہ اھو ھن کان وڌيڪ معجزا ڪندو ڇا؟“
32 فريسين ٻڌو تہ ماڻھو عيسيٰ بابت ھنن ڳالھين جي سسپس ڪري رھيا آھن، تنھنڪري انھن ۽ سردار ڪاھنن ڪي پھريدار موڪليا تہ جيئن ھو کيس پڪڙين.
33 تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان سان اڃا ٿورو وقت رھندس ۽ پوءِ آءٌ انھيءَ ڏانھن موٽي ويندس جنھن مون کي موڪليو آھي.
34 اوھين مون کي ڳوليندا، پر لھي ڪين سگھندا ۽ جتي آءٌ ھوندس اتي اوھين اچي نہ سگھندا.“
35 يھودي اڳواڻ ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھو ڪيڏانھن ويندو جو اسين کيس لھي نہ سگھنداسين؟ ڇا ھو يونان جي شھرن ڏانھن ويندو، جتي اسان جا يھودي وڃي رھيا آھن ۽ اتي ھو يونانين کي تعليم ڏيندو؟