يوحنا 7:35-41 SCLNT

35 يھودي اڳواڻ ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھو ڪيڏانھن ويندو جو اسين کيس لھي نہ سگھنداسين؟ ڇا ھو يونان جي شھرن ڏانھن ويندو، جتي اسان جا يھودي وڃي رھيا آھن ۽ اتي ھو يونانين کي تعليم ڏيندو؟

36 ڀلا ھو جيڪي چوي ٿو تہ ’اوھين مون کي ڳوليندا، پر لھي نہ سگھندا ۽ اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ ھوندس،‘ تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“

37 عيد جو آخري ڏينھن، جيڪو خاص ڏينھن آھي، انھيءَ ڏينھن تي عيسيٰ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آھي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.

38 جيڪو بہ مون تي ايمان آڻيندو، تنھن لاءِ لکيل آھي تہ ’سندس اندر مان زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وھنديون.‘“

39 ھن اھا ڳالھہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انھن ماڻھن کي ملڻو ھو جن مٿس ايمان آندو ھو. پر انھن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو ھو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جو جلوو اڃا ظاھر نہ ٿيو ھو.

40 ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻھن سندس اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”سچ⁠پچ ھي ماڻھو اھو ئي نبي آھي، جيڪو اچڻو آھي.“

41 ڪن چيو تہ ”ھو مسيح آھي.“ پر ٻين وري چيو تہ ”مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟