يوحنا 8:10-16 SCLNT

10 عيسيٰ ڪنڌ مٿي ڪري انھيءَ عورت کي چيو تہ ”اي مائي! اھي ڪيڏانھن ويا؟ ڇا ھتي ڪوبہ ڪونہ آھي جو تو کي سزا ڏئي؟“

11 انھيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي سزا نہ ٿو ڏيان. سو وڃ، پر وري گناھہ نہ ڪجانءِ.“

12 عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“

13 تنھن تي فريسين کيس چيو تہ ”تون پنھنجي شاھدي پاڻ ڏئين ٿو، سو تنھنجي شاھدي سچي نہ آھي.“

14 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنھنجي شاھدي پاڻ ٿو ڏيان تہ بہ منھنجي شاھدي سچي آھي، ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر آھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو. پر اوھان کي خبر ڪانھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو.

15 اوھين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا پر آءٌ ڪنھن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان.

16 جيڪڏھن آءٌ فيصلو ڪريان بہ ھا تہ منھنجو فيصلو سچو ھجي ھا، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اڪيلو اھو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منھنجو پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، سو بہ مون سان آھي.