يوحنا 8:16-22 SCLNT

16 جيڪڏھن آءٌ فيصلو ڪريان بہ ھا تہ منھنجو فيصلو سچو ھجي ھا، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اڪيلو اھو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منھنجو پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، سو بہ مون سان آھي.

17 اوھان جي شريعت ۾ بہ لکيل آھي تہ ’ٻن شخصن جي شاھدي سچي آھي.‘

18 سو ھڪڙو آءٌ آھيان جو پاڻ پنھنجي شاھدي ٿو ڏيان ۽ ٻيو پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، سو بہ مون بابت شاھدي ٿو ڏئي.“

19 تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تنھنجو پيءُ ڪٿي آھي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوھين نہ مون کي سڃاڻو ٿا ۽ نڪي منھنجي پيءُ کي. جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ھا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ھا.“

20 عيسيٰ اھي ڳالھيون ان وقت چيون جنھن وقت ھو ھيڪل جي خزاني واري ڪمري ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ کيس ڪنھن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اڃا سندس وقت نہ آيو ھو.

21 عيسيٰ وري انھن کي چيو تہ ”آءٌ ھليو ويندس ۽ اوھين مون کي ڳوليندا، پر اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ ويندس ۽ اوھين پنھنجن گناھن ۾ مرندا.“

22 تنھن تي يھودي اڳواڻن چيو تہ ”ھي چوي ڇا ٿو تہ ’جتي آءٌ ويندس اتي اوھين اچي نہ سگھندا؟‘ انھيءَ جي معنيٰ تہ ھو پنھنجو پاڻ کي ماريندو ڇا؟“