28 سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏھن اوھين ابنآدم کي مٿي چاڙھيندا، تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو ئي آھيان. آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اھو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آھي.
29 جنھن مون کي موڪليو آھي سو مون سان آھي. ھن مون کي اڪيلو نہ ڇڏيو آھي، ڇالاءِجو آءٌ ھميشہ اھي ڪم ڪريان ٿو جيڪي کيس پسند آھن.“
30 تنھن تي ڪيترن ئي عيسيٰ جون ھي ڳالھيون ٻڌي مٿس ايمان آندو.
31 پوءِ جن يھودين مٿس ايمان آندو ھو، عيسيٰ تن کي چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين منھنجي تعليم تي قائم رھندا تہ اوھين سچپچ منھنجا شاگرد آھيو.
32 پوءِ اوھان کي سچ جي خبر پوندي ۽ اھو سچ اوھان کي آزاد ڪندو.“
33 تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”اسين ابراھيم جو اولاد آھيون ۽ ڪڏھن بہ ڪنھن جا غلام نہ ٿيا آھيون، تہ پوءِ تنھنجي انھيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آھي تہ ’اوھين آزاد ٿيندا‘؟“
34 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ گناھہ ٿو ڪري سو گناھہ جو غلام آھي.