31 پوءِ جن يھودين مٿس ايمان آندو ھو، عيسيٰ تن کي چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين منھنجي تعليم تي قائم رھندا تہ اوھين سچپچ منھنجا شاگرد آھيو.
32 پوءِ اوھان کي سچ جي خبر پوندي ۽ اھو سچ اوھان کي آزاد ڪندو.“
33 تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”اسين ابراھيم جو اولاد آھيون ۽ ڪڏھن بہ ڪنھن جا غلام نہ ٿيا آھيون، تہ پوءِ تنھنجي انھيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آھي تہ ’اوھين آزاد ٿيندا‘؟“
34 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ گناھہ ٿو ڪري سو گناھہ جو غلام آھي.
35 خاندان ۾ غلام کي ڪوبہ حق نہ آھي، پر پٽ کي ھر ڪو حق حاصل آھي.
36 تنھنڪري جيڪڏھن فرزند اوھان کي آزاد ڪندو تہ اوھين سچپچ آزاد ٿيندا.
37 مون کي خبر آھي تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو، تہ بہ اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻتہ اوھين منھنجي ڪلام کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو.