43 اوھين منھنجو ڳالھائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اھو انھيءَ لاءِ تہ اوھين منھنجي ڪلام کي ٻڌي نہ ٿا سگھو.
44 اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِجو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِجو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي.
45 پر آءٌ سچ ٿو چوان، تنھنڪري اوھين مون تي ايمان نہ ٿا آڻيو.
46 اوھان مان ڪو اھڙو آھي، جيڪو ثابت ڪري تہ مون گناھہ ڪيو آھي؟ جيڪڏھن آءٌ سچ ٿو چوان تہ پوءِ اوھين مون تي ڇو نہ ٿا ايمان آڻيو؟
47 جيڪو خدا وٽان اچي ٿو سو خدا جون ڳالھيون ٻڌي ٿو. اوھين انھيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو ڇالاءِجو اوھين خدا وٽان نہ آيا آھيو.“
48 سو انھن يھودين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رھيا ھئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آھين ۽ تو ۾ ڀوت آھي؟“
49 عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون ۾ ڀوت ڪونھي، پر آءٌ پنھنجي پيءُ جي عزت ٿو ڪريان ۽ اوھين منھنجي بيعزتي ٿا ڪريو.