يوحنا 8:51-57 SCLNT

51 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ منھنجي ڪلام تي عمل ڪري ٿو سو ڪڏھن بہ نہ مرندو.“

52 انھن يھودين کيس چيو تہ ”ھاڻي اسان کي خبر پئي تہ تو ۾ ڀوت آھي. ابراھيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو سو ڪڏھن بہ نہ مرندو.‘

53 اسان جو پيءُ ابراھيم جيڪو مري ويو تنھن کان بہ تون وڏو آھين ڇا؟ نبي بہ مري ويا تہ تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“

54 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن آءٌ پنھنجي ساراھہ ڪريان تہ منھنجي ساراھہ ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منھنجي ساراھہ ڪري ٿو سو منھنجو پيءُ آھي، جنھن جي لاءِ اوھين چئو ٿا تہ ’اھو اسان جو خدا آھي.‘

55 اوھان ھن کي ڪڏھن بہ نہ سڃاتو آھي پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏھن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ ھن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوھان جھڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڪلام تي عمل ڪريان ٿو.

56 اوھان جو پيءُ ابراھيم منھنجي انھيءَ ڏينھن جي ڏسڻ جي اميد تي ڏاڍو خوش ھو. ھُن اھو ڏينھن ڏٺو ۽ خوش ٿيو.“

57 تنھن تي انھن چيس تہ ”تون پنجاھہ ورھين جو بہ ڪين آھين، پوءِ تو ڪيئن ابراھيم کي ڏٺو؟“