يوحنا 9:22-28 SCLNT

22 سندس ماءُ⁠پيءُ ائين انھيءَ ڪري چيو، ڇالاءِ⁠جو ھو يھودي اڳواڻن کان ڊنا ٿي، جن اڳي ئي ٺھراءُ ڪري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تہ ھو انھيءَ کي پنھنجي عبادت⁠گاھہ مان ڪڍي ڇڏيندا.

23 اھو ئي سبب ھو جو انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُ⁠پيءُ چيو تہ ”ھو بالغ آھي سو اوھين کانئس پڇو.“

24 ٻئي دفعي انھن وري انھيءَ ماڻھوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو ھو ۽ کيس چيائون تہ ”تون خدا جي آڏو واعدو ڪر تہ سچ ڳالھائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ اھو ماڻھو گنھگار آھي.“

25 انھيءَ ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”مون کي خبر نہ آھي تہ ھو گنھگار آھي يا نہ. آءٌ رڳو اھو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو ھوس ۽ ھاڻي ڏسان وائسان ٿو.“

26 تنھن تي انھن پڇيس تہ ”ھن تو کي ڇا ڪيو؟ ڪيئن تنھنجون اکيون کوليائين؟“

27 ھن وراڻيو تہ ”اڃا ھاڻي تہ مون اوھان کي ٻڌايو تہ بہ اوھان ڪونہ ٻڌو، وري ڇو ٿا ٻڌڻ چاھيو؟ اوھين بہ ھن جا شاگرد ٿيڻ چاھيو ٿا ڇا؟“

28 تنھن تي انھن ڦٽ لعنت ڪري چيس تہ ”تون ئي انھيءَ جو شاگرد آھين. اسين تہ موسيٰ جا شاگرد آھيون.