8 تنھن تي سندس پاڙيسرين ۽ ٻين ماڻھن جن کيس اڳ پنندي ڏٺو ھو، سي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو فقير نہ آھي ڇا جيڪو ھتي ويٺو پنندو ھو؟“
9 ڪي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو ئي آھي“ ۽ ٻيا چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو نہ آھي پر انھيءَ جھڙو آھي.“ تنھن تي ھن پاڻ چيو تہ ”آءٌ اھو ئي آھيان.“
10 پوءِ انھن پڇيس تہ ”تنھنجون اکيون ڪيئن کليون؟“
11 ھن وراڻيو تہ ”اھو شخص جنھن جو نالو عيسيٰ آھي، تنھن مٽي ڳوھي منھنجين اکين تي لاتي ۽ چيائين تہ ’سيلوم واري تلاءَ ۾ وڃي منھن ڌوءُ.‘ پوءِ آءٌ ويس ۽ وڃي منھن ڌوتم ۽ پوءِ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“
12 تنھن تي انھن پڇيس تہ ”اھو شخص ڪٿي آھي؟“ ھن چين تہ ”مون کي خبر نہ آھي.“
13 تنھن کان پوءِ اھي انھيءَ انڌي مان سڄي ٿيل ماڻھوءَ کي فريسين وٽ وٺي آيا.
14 جنھن ڏينھن تي عيسيٰ مٽي ڳوھي انڌي ماڻھوءَ جون اکيون کوليون ھيون سو سبت جو ڏينھن ھو.