38 جڏھن ھن انھن کي تعليم پئي ڏني تہ چيائين تہ ”شريعت جي عالمن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اُھي چاھين ٿا تہ بازار ۾ ماڻھو کين سلامي ٿين.
39 ھو عبادتخانن ۾ خاص جايون ۽ مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين.
40 اھي رننزالن جا گھر ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون نمازون پڙھن ٿا. انھن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ سزا ملندي.“
41 پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ چندي واري پيتيءَ جي ڀرسان ويھي رھيو ۽ جاچڻ لڳو تہ ڪيئن ماڻھو اُن پيتيءَ ۾ پيسا وجھن ٿا. ھن ڏٺو تہ جيڪي دولتمند ھئا سي گھڻا پيسا وجھي رھيا ھئا.
42 ايتري ۾ ھڪ غريب رنزال آئي جنھن ٻہ ننڍڙا سڪا اچي پيتيءَ ۾ وڌا.
43 تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن غريب رنزال چندي جي پيتيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ وڌو آھي.
44 ڇالاءِجو ٻين، جيڪي پنھنجي گھرج کان وڌيڪ ھون تنھن مان پيتيءَ ۾ وڌو آھي، پر ھن رنزال پنھنجي غربت مان بہ جيڪو ھڙ ۾ ھوس سو سڀ وڌائين، يعني تہ پنھنجي سموري ڪمائي ڏنائين.“