مرقس 7 SCLNT

وڏن جون ريتون رسمون

1 فريسي ۽ ڪي شريعت جا عالم، جيڪي يروشلم کان آيا ھئا سي سڀ عيسيٰ سان اچي مليا.

2 انھن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پليت ھٿن يعني اڻ⁠ڌوتل ھٿن سان ماني کائين ٿا پيا.

3 جڏھن تہ فريسي ۽ سڀ يھودي پنھنجن وڏن جي رسم موجب، جيستائين پنھنجا ھٿ پنھنجي خاص نموني سان نہ ڌوئن تيستائين نہ کائيندا آھن،

4 ۽ جڏھن بازار کان اچن تڏھن جيسين نہ وھنجن تيسين ڪين کائيندا آھن. انھن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آھن جھڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانون ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

5 سو فريسين ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ کان اچي پڇيو تہ ”اوھان جا شاگرد وڏن جي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا ھلن ۽ پليت ھٿن سان ڇو ٿا ماني کائين؟“

6 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان رياڪارن جي بابت يسعياہ ڪھڙي نہ پيشنگوئي ڪري ويو آھي تہ’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي،پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھُري.

7 ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن،ڇالاءِ⁠جو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارينڄڻ تہ اھي خدا جا حڪم آھن.‘“

8 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوھين خدا جو حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آھيو.

9 اوھين پنھنجن ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر خدا جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.

10 جيئن تہ موسيٰ فرمايو آھي تہ ’پنھنجي ماءُ ۽ پنھنجي پيءُ جي عزت ڪريو.‘ ۽ ’جيڪو پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جي گلا ڪري تنھن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘

11 پر اوھين ماڻھن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪنھن وٽ ڪا شيءِ آھي جنھن سان ھو پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر ھن اھا قربان، يعني خدا جي نذر ڪري ڇڏي آھي،

12 تہ پوءِ ھو ماءُ⁠پيءُ جي گھرج پوري ڪرڻ کان ڇٽي وڃي ٿو.‘

13 اھڙيءَ طرح اوھين پنھنجين ريتن رسمن سان خدا جو ڪلام رد ٿا ڪريو. اھڙي نموني ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن جيڪي اوھين ڪريو ٿا.“

انسان کي پليت ڪرڻ واريون شيون

14 عيسيٰ سڄي خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”اوھين سڀ منھنجي ڳالھہ ٻڌو ۽ سمجھو.

17 جڏھن عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر پھتو تہ سندس شاگردن انھيءَ مثال بابت پڇيس.

18 تنھن تي عيسيٰ ھنن کي چيو تہ ”اوھين بہ ڪيترا نہ بي⁠سمجھہ آھيو، جو ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي ٻاھران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو سو کيس پليت نہ ٿو ڪري،

19 ڇالاءِ⁠جو اھو انسان جي دل ۾ نہ ٿو وڃي پر انسان جي پيٽ ۾ ٿو وڃي ۽ اتان آخرڪار ٻاھر نڪريو وڃي.“ ائين چئي عيسيٰ کائڻ جي سڀني شين کي حلال سڏيو.

20 عيسيٰ چيو تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاھر ٿو نڪري سو ئي کيس پليت ٿو ڪري،

21 ڇالاءِ⁠جو انسان جي دل مان بڇڙا خيال ٿا نڪرن، جھڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون،

22 زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ بيوقوفي.

23 اھي سڀ خرابيون اندر مان ٿيون نڪرن ۽ ماڻھوءَ کي پليت ڪن ٿيون.“

ھڪ عورت جو ايمان

24 پوءِ عيسيٰ اتان اُٿي صور شھر جي علائقن ڏانھن روانو ٿيو ۽ ھڪڙي گھر ۾ گھڙي ويو. ھن جي مرضي ھئي تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سندس اچڻ جي خبر نہ پوي، پر ھو لڪي نہ سگھيو.

25 ھڪڙي عورت جنھن جي ننڍڙي ڌيءَ کي ڀوت ھو، تنھن کي جڏھن خبر پيئي تہ اھا ھڪدم عيسيٰ وٽ آئي ۽ اچي پيرين پيس.

26 اھا عورت يونانڻ ھئي ۽ سورفينڪيءَ جي قوم مان ھئي. ھن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”منھنجي ڌيءَ مان ھلي ڀوت ڪڍو.“

27 پر عيسيٰ چيس تہ ”پھريائين ٻارن کي ڍءُ ڪرڻ ڏي، ڇالاءِ⁠جو اھو واجب نہ آھي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“

28 تنھن تي عورت چيس تہ ”سائين! برابر، پر ڪتا بہ تہ دسترخوان وٽان ٻارن جي اوبر ڪيل مانيءَ جا ٽڪر کائيندا آھن.“

29 عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”برابر، تنھنجي انھيءَ جواب جي ڪري تنھنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو. سو تون ڀلي گھر وڃ.“

30 ھوءَ گھر ويئي ۽ ڏٺائين تہ سندس ڌيءَ ھنڌ تي پيل آھي ۽ ڀوت بلڪل ڇڏي ويو ھوس.

ٻوڙي ۽ ٻاتي ماڻھوءَ کي شفا ڏيڻ

31 ھاڻي عيسيٰ صور جي حدن مان نڪري صيدا مان لنگھي، دڪاپلس جي حدن جو وچ وٺي گليل جي ڍنڍ تي آيو.

32 ماڻھو وٽس ھڪڙي اھڙي شخص کي وٺي آيا جيڪو ٻوڙو ھو ۽ ڳالھائڻ ۾ بہ اٽڪ ھيس. سو منٿ ڪيائونس تہ ”ھن کي پنھنجو ھٿ لايو.“

33 عيسيٰ اُن کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو ۽ پنھنجون آڱريون ھن جي ڪنن ۾ وڌائين ۽ پنھنجي زبان جي لٻ ڪڍي ھن جي زبان کي لاتائين.

34 پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ ھن کي چيائين تہ ”افتح.“ يعني ”کلي پئُہ.“

35 تڏھن ھڪدم سندس ڪن کلي پيا ۽ ھن جي زبان جي تند ڇڄي پيئي ۽ ھو چِٽو ڳالھائڻ لڳو.

36 پوءِ عيسيٰ انھن ماڻھن کي تاڪيد ڪري چيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“ پر جيترو ھن وڌيڪ تاڪيد ڪيو ھون، اوترو ئي وڌيڪ ھنن وڃي اھا ڳالھہ ماڻھن ۾ پڌري ڪئي.

37 سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪھڙي نہ سھڻي نموني سان ھو ھر ھڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ ھو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالھائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16