1 جڏھن ھو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيتفگاہ ۽ بيتعنياہ ڳوٺن وٽ آيا، تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن مان ٻن کي موڪليو،
2 ۽ چيائين تہ ”سامھون واري ڳوٺ ۾ وڃو ۽ جيئن ان ڳوٺ ۾ ويندءُ تہ اُتي ھڪ کودڙو ٻڌل ڏسندءُ، جنھن تي اڃا ڪنھن بہ سواري نہ ڪئي ھوندي. انھيءَ کي ڇوڙي ھيڏانھن ڪاھي اچو،
3 ۽ جيڪوبہ توھان کان پڇي تہ ’ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تہ چئجوس تہ ’سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي ۽ ھو جلد ئي واپس ڏياري موڪليندو.‘“
4 سو ھو روانا ٿي ويا ۽ کودڙي کي گھٽيءَ ۾ ھڪڙي دروازي جي ٻاھران ٻڌل ڏٺائون ۽ جيئن ئي ڇوڙيائون پئي
5 تہ جيڪي اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن انھن کي چيو تہ ”ھي ڇا ٿا ڪريو ۽ کودڙي کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“
6 تنھن تي انھن ائين ئي جواب ڏنو جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو ھو. تڏھن انھن موڪل ڏنن.
7 اُھي کودڙي کي عيسيٰ وٽ ڪاھي آيا ۽ انھيءَ تي پنھنجا ڪپڙا وڌائون، پوءِ عيسيٰ ان تي چڙھي ويٺو.
8 ڪيترن ئي ماڻھن پنھنجا پھراڻ رستي تي وڇائي ڇڏيا ۽ ڪن وري ٻنين مان وڻن جون ٽاريون پٽي آڻي پکيڙي ڇڏيون.
9 جيڪي ماڻھو عيسيٰ جي اڳيان ۽ پٺيان پئي ھليا تن وڏي واڪي پئي چيو تہ”خدا جي واکاڻ ھجي،سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي.
10 سڳوري آھي اسان جي ابي دائود جي ايندڙ بادشاھت.عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ھجي.“
11 عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿي ھيڪل ۾ ويو، جتي چوڌاري نظر ڦيرائي ھر ھڪ شيءِ کي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينھن ڪافي لڙي چڪو ھو، تنھنڪري ھو پنھنجن ٻارھن شاگردن سان بيتعنياہ ڏانھن ھليو ويو.
12 ٻئي ڏينھن تي جڏھن ھو بيتعنياہ کان موٽي رھيا ھئا تہ عيسيٰ کي بک لڳي.
13 ھن پري کان ھڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو پنن سان ڍڪيل ھو. انھيءَ ڪري ھو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر ھو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آھن، ڇاڪاڻتہ انجيرن جي مند نہ ھئي.
14 تنھن تي عيسيٰ انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏھن بہ ڪو تو مان انجير نہ لھندو.“ سندس شاگردن اھو ٻڌي ورتو.
15 جڏھن اُھي يروشلم ۾ پھتا تہ عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ اُتي جيڪي واپار ۽ ڏيتيليتيءَ ۾ رُڌل ھئا، تن کي اتان ڌڪي ڪڍڻ لڳو ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين،
16 ۽ ڪنھن کي بہ ھيڪل مان سامان کڻي وڃڻ نہ ڏنائين.
17 پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي تعليم ڏني تہ ”ڇا اھو لکيل نہ آھي تہ ’منھنجو گھر سڀني قومن لاءِ عبادت جو گھر سڏبو.‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻايو آھي.“
18 سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن ھو موقعي جي تاڙ ۾ رھڻ لڳا تہ ڪنھن بہ طرح عيسيٰ کي ماري ڇڏين. اھي عيسيٰ کان ڊڄن بہ پيا ڇاڪاڻتہ سڄي خلق ھن جي تعليم تي حيران ھئي.
19 جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد شھر مان نڪري ھليا ويا.
20 ٻئي ڏينھن صبح جو سوير جيئن ھو رستو وٺيو پئي ويا تہ انھن اُھو انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو چوٽيءَ کان وٺي پاڙ تائين سڪي ويو ھو.
21 تنھن تي پطرس کي اُھا ڳالھہ ياد پئي ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي سائين! جنھن انجير جي وڻ کي توھان پاراتو ڏنو ھو، سو سڪي ويو آھي.“
22 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”خدا تي ايمان آڻيو.
23 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن ڪنھن جي دل ۾ شڪ نہ آھي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏھن ھو ھن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪر‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.
24 تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جڏھن اوھين دعا گھرو ٿا ۽ جنھن شيءِ لاءِ گھرو ٿا، تہ يقين ڪريو تہ اھا اوھان کي ملي ويئي آھي ۽ اوھان کي اُھو ئي ملندو جيڪو اوھين دعا ۾ گھرندا.
27 ھو وري يروشلم ۾ موٽي آيا. جيئن عيسيٰ ھيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ وٽس آيا،
28 ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ڪرين ٿو؟ تو کي ھن ڪم جي اختياري ڪنھن ڏني آھي؟“
29 تنھن تي عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ بہ اوھان کان ھڪ سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏھن اوھان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوھان کي ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان آءٌ ھي ڪم ڪريان ٿو.
30 مون کي ٻڌايو تہ يحيٰ جي بپتسما ڪنھن جي طرفان ھئي، خدا جي طرفان يا ماڻھن جي طرفان؟“
31 تنھن تي اُھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ڇا چئون؟“ ڇالاءِجو جيڪڏھن اھي جواب ۾ ”خدا جي طرفان“ چون پيا تہ عيسيٰ چوين ھا ”تہ پوءِ اوھان يحيٰ تي ڇو ڪين ايمان آندو؟“
32 پر جيڪڏھن ”ماڻھن جي طرفان“ چون پيا تہ ماڻھن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇوتہ ماڻھو يحيٰ کي سچو نبي ڪري مڃين پيا.
33 تنھنڪري انھن عيسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آھي.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان آءٌ ھي ڪم ڪريان ٿو.“