1 عيسيٰ مسيح ابن خدا جي خوشخبري ھن ريت شروع ٿئي ٿي:
2 يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ”خدا چيو تہ ’ڏس،آءٌ پنھنجو پيغمبر تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو،تہ ھو تنھنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘“
3 انھيءَ ئي شخص جو ذڪر ٿيل آھي تہ”رڻپٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو،ھن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“
4 تنھنڪري ئي تہ يحيٰ رڻپٽ ۾ ظاھر ٿيو ھو. ھو ماڻھن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ تبليغ ڪري پيو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ خدا اوھان جا گناھہ بخشي ڇڏي.“
5 يروشلم شھر بلڪ يھوداہ علائقي جا تمام گھڻا ماڻھو نڪري يوحنا وٽ آيا. انھن پنھنجا گناھہ باسيا ۽ يحيٰ کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.
6 يحيٰ کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پيل ھوندا ھئا ۽ چيلھہ تي چم جو پٽو ٻڌل ھوندو ھوس. ھو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو ھو.
7 يحيٰ ماڻھن ۾ منادي ڪندو ھو تہ ”منھنجي پٺيان ھڪ اھڙو ٿو اچي جو مون کان بہ وڌيڪ قدرت وارو آھي. آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان.
8 آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر اھو اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“
9 انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ گليل جي شھر ناصرت کان يحيٰ وٽ آيو ۽ يحيٰ کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.
10 جيئن ئي عيسيٰ پاڻيءَ مان ٻاھر نڪتو تہ کيس آسمان کليل نظر آيو ۽ پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لھندو ڏٺائين.
11 تڏھن آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آھيان.“
12 پوءِ جلد ئي پاڪ روح عيسيٰ کي بيابان ۾ وٺي ويو،
13 جتي شيطان کيس چاليھن ڏينھن تائين آزمائيندو رھيو. عيسيٰ جھنگلي جانورن سان گڏ ھو پر ملائڪن سندس سنڀال پئي ڪئي.
14 يحيٰ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ آيو ۽ خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ لڳو تہ
15 ”وقت اچي ڀريو آھي ۽ خدا جي بادشاھت ويجھي آئي آھي، سو توبھہ ڪريو ۽ خدا جي خوشخبريءَ تي ايمان آڻيو.“
16 جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري سان وڃي رھيو ھو تہ کيس ٻہ مھاڻا، شمعون ۽ سندس ڀاءُ اندرياس نظر آيا جن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌا.
17 تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اچو ۽ منھنجي پٺيان ھلو تہ آءٌ اوھان کي ماڻھو ڦاسائڻ سيکاريان.“
18 سو ھو ھڪدم ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان ھلڻ لڳا.
19 ٿورو اڳڀرو ھليو تہ ھن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو.
20 عيسيٰ انھن کي سڏيو تہ ھنن پنھنجي پيءُ کي ٻيڙيءَ ۾ مزورن سان ڇڏي ڏنو ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا.
21 پوءِ ھو ڪفرناحوم شھر ۾ آيا ۽ عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.
22 ماڻھو ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻتہ ھو انھن کي شريعت جي عالمن وانگر نہ پر اختياريءَ سان تعليم ڏئي رھيو ھو.
23 ايتري ۾ ڀوت ورتل ھڪڙو ماڻھو عبادتخاني ۾ آيو ۽ رڙ ڪري چيائين تہ
24 ”اي عيسيٰ ناصري! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون خدا جي ھڪ ئي پاڪ ھستي آھين.“
25 پر عيسيٰ ھن کي ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“
26 ڀوت ماڻھوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ وڏي واڪي رڙ ڪري ھن مان نڪري ويو.
27 تنھن تي سڀ ماڻھو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي آھي ڇا؟ ھيءَ تہ نئين تعليم آھي. ھو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ھلائي ٿو ۽ اھي کيس مڃين ٿا.“
28 جلد ئي ھن جي ھاڪ سڄي گليل جي علائقي ۾ جتي ڪٿي پئجي ويئي.
29 ان کان پوءِ ھو عبادتخاني مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس جي گھر آيا.
30 شمعون جي سس بخار سبب بستري ۾ پيئي ھئي. سو جيئن عيسيٰ اتي پھتو تہ کيس ان بابت ٻڌايائون.
31 عيسيٰ ان وٽ ويو ۽ ھن کي ھٿ کان وٺي اٿاري وھاريو تہ جلد ئي کيس بخار ڇڏي ويو ۽ ھوءَ انھن جي خدمت ڪرڻ لڳي.
32 جڏھن سانجھي ٿي ۽ سج لھي ويو تہ ماڻھن عيسيٰ وٽ ڪيترا ئي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻھو آندا.
33 سڄو شھر دروازي تي اچي مڙيو.
34 عيسيٰ ڪيترن ئي مرضن جي بيمارن کي شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. ھن ڀوتن کي ڳالھائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇالاءِجو اھي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ ھو ڪير آھي.
35 صبح جو سوير بلڪل انڌاري ۾ ئي عيسيٰ اٿي ٻاھر نڪري ويو ۽ ھڪڙي نويڪليءَ جاءِ تي وڃي دعا گھريائين.
36 شمعون ۽ سندس ساٿي عيسيٰ کي ڳوليندا رھيا
37 ۽ جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ کيس چيائون تہ ”ھر ڪو اوھان کي ڳولي رھيو آھي.“
38 پر عيسيٰ کين چيو تہ ”ھلو تہ ڪن ٻين ڀر وارن شھرن ۾ ھلون، جيئن اتي بہ آءٌ تبليغ ڪريان، ڇوتہ انھيءَ ئي سبب ڪري آءٌ آيو آھيان.“
39 پوءِ ھو سڄي گليل جي عبادتخانن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو.
40 ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويھي کيس نيزاري ڪري چيائين تہ ”جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“
41 عيسيٰ کي ھن تي ڪھل آئي، سو پنھنجو ھٿ ڊگھيري کيس لاتائين ۽ چيائينس تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون پاڪ صاف ٿيءُ.“
42 تڏھن ھڪدم ھن کان ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو ۽ ھو ڇٽي پاڪ صاف ٿي پيو.
43 عيسيٰ سختيءَ سان تاڪيد ڪري روانو ڪيس تہ
44 ”متان ڪنھن کي ٻڌايو اٿيئي، پر سڌو وڃي ڪاھنن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب قرباني ڪج تہ جيئن انھن آڏو ثابتي ٿئي تہ تون ڇٽي ويو آھين.“
45 پر ھن وڃي جتي ڪٿي اھا خبر ٻڌائي، سو ڳالھہ ايتري تہ ھُلي ويئي جو عيسيٰ پوءِ ڪنھن بہ شھر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو، پر ٻاھر ويران جاين ۾ رھيو جتي ماڻھو سڀني ھنڌن کان پئي آيا.