1 ان کان پوءِ عيسيٰ عبادتخاني ۾ موٽي ويو، جتي ھڪڙو سڪل ھٿ وارو ماڻھو ويٺل ڏٺائين.
2 ڪي ماڻھو انھيءَ تاڙ ۾ ھئا تہ عيسيٰ ھن کي سبت جي ڏينھن شفا ڏئي تہ ھو مٿس تھمت ھڻن.
3 عيسيٰ سڪل ھٿ واري ماڻھوءَ کي چيو تہ ”وچ ۾ ٿي بيھہ.“
4 پوءِ ماڻھن کان پڇيائين تہ ”سبت جي ڏينھن نيڪي ڪرڻ جائز آھي يا بدي، حياتي بچائڻ جائز آھي يا مارڻ؟“ پر ھو ڪجھہ بہ ڪڇي نہ سگھيا.
5 عيسيٰ انھن ڏانھن چوڌاري ڪاوڙ ۾ ڏٺو، پر ساڳي وقت کيس انھن جي ھٺ ۽ ھوڏ تي ارمان بہ پئي ٿيو. پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو.
6 تنھن تي فريسي جلدي ٻاھر نڪري ويا ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جي ميمبرن سان عيسيٰ جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن کيس ختم ڪجي.
7 عيسيٰ پنھنجن شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻھن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. گليل، يھوديہ،
8 يروشلم، ادوم ۽ اردن درياء جي اڀرندي پاسي کان، صور ۽ صيدا جي آسپاس کان بہ ماڻھن جا وڏا ميڙ وٽس آيا، ڇاڪاڻتہ انھن ٻڌو ھو تہ ھو عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.
9 جيئن تہ ماڻھن جو گھڻو ڳاھٽ ھو تنھنڪري عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”ھڪڙي ٻيڙي تيار ڪريو، متان ماڻھو مون کي ڳاھي نہ ڇڏين.“
10 جيئن تہ ھن گھڻن ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ھو، تنھنڪري جن کي بہ بيماري ھئي سي کيس ھٿ لائڻ لاءِ ڏاڍا آتا ھئا.
11 ڀوتن ورتل ماڻھو جڏھن عيسيٰ کي ڏسندا ھئا تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪري چوندا ھئا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين.“
12 پر عيسيٰ انھن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ڪندو ھو تہ ”مون کي ظاھر نہ ڪريو.“
13 عيسيٰ ھڪڙي جابلو علائقي ۾ ويو ۽ انھن ماڻھن کي گھرايائين جن کي ھو چاھي پيو ۽ اھي وٽس آيا.
14 پوءِ ٻارھن ڄڻا چونڊيائين جن کي رسول ڪري بہ ڪوٺيائين. انھن کي چيائين تہ ”مون اوھان کي انھيءَ ڪري چونڊيو آھي تہ اوھين مون سان گڏ رھو. آءٌ اوھان کي ٻاھر بہ تبليغ ڪرڻ لاءِ موڪليندس،
15 ۽ اوھان کي ماڻھن مان ڀوتن ڪڍڻ جي اختياري بہ ڏيندس.“
16 عيسيٰ جيڪي ٻارھن ڄڻا چونڊيا اُھي ھي ھئا: شمعون، جنھن کي ”پطرس“ نالو بہ ڏنائين،
17 زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بونرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين،
18 اندرياس، فلپس، برٿلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ٿدئي، شمعون قومپرست،
19 ۽ يھوداہ اسڪريوتي، جنھن پوءِ دغا ڪري پڪڙايو ھوس.
20 پوءِ عيسيٰ گھر آيو. اتي وري بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جي واندڪائي بہ نہ ملي.
21 جڏھن سندس مائٽن اھو ٻڌو تڏھن ھو کيس ھٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا، ڇاڪاڻتہ ماڻھو سمجھن پيا تہ ”عيسيٰ ديوانو آھي.“
22 ڪي شريعت جا عالم جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، تن پئي چيو تہ ”عيسيٰ ۾ بعلزبول آھي ۽ انھيءَ ڀوتن جي سردار جي مدد سان ئي ھو ڀوتن کي ماڻھن مان ڪڍي ٿو.“
23 تنھن تي عيسيٰ ماڻھن کي پاڻ وٽ گھرائي ڪي مثال ٻڌايا تہ ”شيطان، ڪيئن شيطان کي ڪڍندو؟
24 جيڪڏھن ڪنھن بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوندو تہ اُھا جٽاءُ ڪري نہ سگھندي
25 ۽ جيڪڏھن ڪنھن گھر ۾ ڏڦيڙ پوندو تہ اھو گھر بہ ھلي نہ سگھندو.
26 سو جيڪڏھن شيطان پاڻ پنھنجي خلاف ٿي بيھندو ۽ ڏڦيڙ وجھندو تہ بيھي نہ سگھندو ۽ تباھہ ٿي ويندو.
27 ڪوبہ ماڻھو ايستائين طاقتور شخص جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت ڦُري نہ سگھندو، جيستائين پھريائين اُن طاقتور شخص کي نہ ٻَڌندو ۽ تنھن کان پوءِ ئي ھن جو گھر ڦريندو.
28 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ماڻھن جيڪي بہ گناھہ ڪيا ھوندا ۽ ڪفر جون ڳالھيون بڪيون ھوندائون، سي سڀ کين بخش ٿي سگھن ٿيون،
29 پر پاڪ روح جي خلاف جيڪو بہ ڪفر بڪندو، تنھن کي ڪڏھن بہ بخش نہ ڪيو ويندو، اٽلندو اھو ابدي گناھہ جو ڏوھاري ٿيندو.“
30 عيسيٰ اھو انھيءَ ڪري چيو جو ڪن چيو پئي تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي.“
31 ايتري ۾ عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر اچي پھتا ۽ ٻاھر بيھي عيسيٰ کي پاڻ وٽ گھرائڻ لاءِ ماڻھو موڪليائون.
32 جيڪي ميڙ عيسيٰ جي چوگرد ويٺا ھئا تن کيس ٻڌايو تہ ”ڏسو، اوھان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر بيٺا اوھان کي سڏين ٿا.“
33 ھن پڇيو تہ ”منھنجي ماءُ ۽ ڀائر ڪير آھن؟“
34 پوءِ جيڪي اتي سندس چوڌاري ويٺا ھئا تن ڏانھن نظر ڦيرائي چوڻ لڳو تہ ”اِجھا، ھيءَ آھي منھنجي ماءُ ۽ اِجھي، ھي آھن منھنجا ڀائر،
35 ڇالاءِجو جيڪوبہ خدا جي مرضيءَ موجب ھلندو سو منھنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آھي.“