1 عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو ھو پاڻ ڍنڍ ۾ ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رھي.
2 عيسيٰ انھن کي ڪيترين ئي ڳالھين سيکارڻ لاءِ مثال پئي ڏنا ۽ تعليم ڏيندي چيائين تہ
3 ”ٻڌو، ھڪڙو ھاري ٻج ڇٽڻ ويو.
4 ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انھن کي چُڳي ويا.
5 ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا، جتي گھڻي مٽي نہ ھئي سو سلا جلدي اڀريا، پر پوري مٽي نہ ھئڻ ڪري
6 جڏھن سج اڀريو تہ لھسجي ويا. جيئن تہ انھن کي پاڙ نہ ھئي تنھنڪري اھي سڪي ويا.
7 ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انھن کي اُسرڻ نہ ڏنائون ۽ انھن ڪوبہ ڦر نہ ڏنو.
8 ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا. اھي انگوريا، اڀريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ٽيھہ داڻا، ڪن ۾ سٺ داڻا تہ ڪن ۾ سؤ داڻا بہ ڦر ھو.“
9 عيسيٰ چيو تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“
10 عيسيٰ جڏھن نويڪلو ٿيو تہ سندس پوئلڳن ۽ ٻارھن شاگردن گڏجي مثالن بابت سوال ڪيس.
11 ھن انھن کي چيو تہ ”اوھان کي خدا جي بادشاھت جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آھي. پر جيڪي منھنجا پوئلڳ نہ آھن تن کي سڀ ڳالھيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون،
12 تہ جيئن:’اھي نھاريندي نھاريندي بہ نہ ڏسن،ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن،تہ متان انھن جون دليونخدا جي طرف ڦري پون۽ ھو کين بخشي ڇڏي.‘“
13 پوءِ عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھين ھي مثال نہ ٿا سمجھو؟ تہ پوءِ اوھين ٻين مثالن جو مطلب ڪيئن سمجھندا؟
14 ٻج ڇٽيندڙ خدا جو ڪلام پوکي ٿو.
15 ڪنھن وقت ڪلام رستي تي ڪري ٿو، يعني اھي ماڻھو جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا. پر جيئن ئي اھي ٻڌن ٿا تہ شيطان جلدي اچي انھن جي دلين مان ڇٽيل ٻج ڪڍي وٺي ٿو.
16 ٻيا ماڻھو ان ٽڪر مثل آھن جتي ٻج ڪريو، يعني اھي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا،
17 پر اھو انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. سو جڏھن ڪلام جي ڪري مٿن ڪا مصيبت يا تڪليف اچي ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا.
18 ٻيا ماڻھو انھن ڪانڊيرن مثل آھن جن ۾ ٻج ڪريو، يعني اھي ڪلام تہ ٻڌن ٿا،
19 پر دنيا جو فڪر، دولت جو فريب ۽ ٻين شين جون خواھشون سندن دل ۾ گھڙي ڪري ڪلام کي گھُٽيو ڇڏين ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.
20 ٻيا ماڻھو ان ڀلي زمين مثل آھن جتي ٻج ڪريو، يعني اھي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ اھي ٽيھوڻو، سٺوڻو ۽ سوءڻو ڦر جھلين ٿا.“
21 عيسيٰ وڌيڪ چين تہ ”ڇا اوھين ڏيئو ٻاري ڍڪڻ يا کٽوليءَ جي ھيٺان آڻي رکندا آھيو؟ نہ، پر اھو ڏياٽيءَ تي آڻي رکندا آھيو.
22 مطلب تہ اھڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آھي جيڪا ظاھر نہ ٿئي ۽ اھڙي ڪابہ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿئي.
23 جيڪڏھن اوھان کي ڪن آھن تہ ٻڌي ڇڏيو.“
24 عيسيٰ اھو بہ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ ٻڌو ٿا تنھن تي ڌيان ڏيو، ڇالاءِجو جنھن ماپي سان اوھين ماپي ڏيندا تنھن ئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.
25 ڇالاءِجو جنھن وٽ آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنھن وٽ ڪجھہ بہ نہ آھي تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.“
26 عيسيٰ ٻڌايو تہ ”خدا جي بادشاھت ان ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو پنھنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو.
27 ھو رات جو سمھي ٿو ۽ ڏينھن جو جاڳي ٿو ۽ ٻج اھڙيءَ طرح ڦٽي ھلي ٿو جو ھن کي ان جي خبر ئي نہ ٿي پوي.
28 زمين پاڻھي ئي فصل ڏئي ٿي، پھريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا.
29 پر جڏھن فصل پچي تيار ٿئي ٿو تڏھن ھو ھڪدم انھيءَ ۾ ڏاٽو وجھي ٿو، ڇالاءِجو لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“
30 عيسيٰ چيو تہ ”اسين خدا جي بادشاھت کي ڇا سان ڀيٽيون ۽ ان کي سمجھائڻ لاءِ اسين ڪھڙو مثال ڏيون؟
31 اھا سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو پوکڻ وقت سڀني کان ننڍو آھي،
32 پر پوکڻ کان پوءِ اڀري سڀني ٻوٽن کان وڌي وڃي ٿو ۽ ايڏيون تہ وڏيون ٽاريون ٿو جھلي جو پکي سندس ٽارين ۾ واھيرو ڪن ٿا.“
33 جيتري کين سمجھڻ جي سگھہ ھئي، عيسيٰ اوترا مثال ڏيئي انھن کي خدا جو ڪلام ٻڌايو.
34 ھو مثالن کان سواءِ انھن سان نہ ڳالھائيندو ھو، پر جڏھن شاگردن سان اڪيلائپ ۾ ھوندو ھو تہ کين سڀني ڳالھين جو مطلب سمجھائيندو ھو.
35 انھيءَ ساڳئي ڏينھن شام جو عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”ھلو تہ ڍنڍ جي ھُن ڀر ھلون.“
36 تنھن تي ھنن خلق کي اتي ئي ڇڏيو ۽ جنھن ٻيڙيءَ ۾ عيسيٰ اڳي ئي ويٺل ھو، تنھن ۾ چڙھي ساڻس گڏ روانا ٿيا. ٻيون ٻيڙيون بہ انھيءَ ٻيڙيءَ سان گڏ ھيون.
37 اوچتو ئي ھڪڙو وڏو طوفان آيو ۽ ڇولين ٻيڙيءَ تي اھڙو تہ سٽڪو لائي ڏنو جو ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ٻڏڻ لڳي.
38 عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پاڇيل تي وھاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو ھو تہ شاگردن اچي کيس جاڳايو ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آھيون ۽ اوھان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“
39 تنھن تي عيسيٰ اُٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”ماٺيون ٿيو.“ تڏھن طوفان بيھجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.
40 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوھان کي اڃا تائين مون تي ايمان نہ آھي؟“
41 پر اھي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻي بہ ھن جو حڪم مڃين ٿا؟“