مرقس 6 SCLNT

عيسيٰ کي ناصرت وارن جو نہ قبولڻ

1 عيسيٰ اتان روانو ٿي موٽي پنھنجي شھر ۾ آيو ۽ سندس شاگرد بہ ھن جي پٺيان آيا.

2 جڏھن سبت جو ڏينھن آيو تہ ھو عبادت⁠خاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻھو ھن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھن اھي ڳالھيون ڪٿان سکيون آھن؟ اھا ڪھڙي دانائي آھي جا کيس ملي آھي؟ ھو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟

3 ڇا ھي اھو ڊکڻ نہ آھي جو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يھوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آھي؟ ڇا ھن جون ڀينرون ھتي نہ ٿيون رھن؟“ تنھنڪري ھنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.

4 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھر نبي پنھنجي وطن، مائٽن ۽ خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آھي.“

5 عيسيٰ اتي ڪن ٿورن بيمار ماڻھن جي مٿان ھٿ رکي شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگھيو.

6 انھن جي ايمان جي گھٽتائيءَ تي عيسيٰ کي ڏاڍو عجب لڳو.پوءِ عيسيٰ چوطرف سڀني ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين.

عيسيٰ جو ٻارھن شاگردن کي موڪلڻ

7 ھن پنھنجن ٻارھن ئي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين ٻن ٻن جي ٽولي ۾ روانو ڪيائين. انھن کي اختياري ڏنائين تہ ماڻھن مان ڀوت ڪڍين،

8 ۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ ”اوھين پاڻ سان نڪا ماني، نڪو ٻاچڪو، نڪي ھڙ ۾ پيسو يا ٻيو ڪجھہ کڻجو پر سفر ۾ رڳو لٺ کڻجو.

9 رڳو چاکڙيون پائجو ۽ ٻيو ڪوبہ فالتو پھراڻ پاڻ سان نہ کڻجو.“

10 عيسيٰ کين اھو بہ چيو تہ ”جتي بہ وڃو تہ جنھن گھر ۾ اوھين داخل ٿيو تنھن ۾ ايستائين ٽڪي پئجو، جيستائين ان شھر مان روانا نہ ٿيو.

11 جيڪڏھن ڪنھن اھڙي ھنڌ وڃو جتان جا ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنھنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاھدي ٿئي.“

12 پوءِ اھي روانا ٿي ويا ۽ ماڻھن ۾ وڃي تبليغ ڪيائون تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو.“

13 ھنن ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيائون.

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جو موت

14 گليل جي بادشاھہ ھيروديس بہ ھي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي ھاڪ ھرھنڌ پکڙجي ويئي ھئي. ڪي چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آھي. تنھنڪري ھو اھڙا معجزا ڪري رھيو آھي.“

15 ٻيا وري چون پيا تہ ”ھو الياس نبي آھي.“ ڪي چون پيا تہ ”ھو اڳين نبين جھڙو ھڪ نبي آھي.“

16 جڏھن ھيروديس ھي ٻڌو تہ چيائين تہ ”پوءِ ھي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو آھي. مون تہ ھن جي سسي لھرائي ڇڏي ھئي، پر ھو وري جيئرو ٿيو آھي.“

17 ھيروديس پاڻ ئي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ھو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو ھئائين. ھن اھو ڪم ھيرودياس جي چوڻ تي ڪيو ھو، جنھن سان ھن شادي ڪئي ھئي، جيتوڻيڪ اھا سندس ڀاءُ فلپس جي زال ھئي.

18 يحيٰ ھيروديس کي چيو ھو تہ ”اوھان لاءِ اھو جائز نہ آھي جو اوھين پنھنجي ڀاءُ جي زال سان شادي ڪريو.“

19 تنھنڪري ھيرودياس يحيٰ کان نفرت ڪندي ھئي ۽ يحيٰ کي مارائڻ گھري پيئي. پر ھوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي،

20 ڇاڪاڻ⁠تہ ھيروديس يحيٰ کان ڊڄندو ھو جو ھن ڄاتو پئي تہ يحيٰ ھڪ سچار ۽ پاڪ ماڻھو آھي. سو ھيروديس کيس بچائيندو رھيو. ھيروديس يحيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان ٻڌندو ھو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت ھي ڳالھيون کيس پريشان ڪنديون ھيون.

21 نيٺ ھيرودياس کي وجھہ ملي ويو. ھيروديس پنھنجي جنم جي ڏينھن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻھن جي دعوت ڪئي ھئي.

22 ھيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري ھيروديس ۽ سندس مھمانن کي خوش ڪيو. بادشاھہ انھيءَ نينگريءَ کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“

23 ھن قسم کڻي واعدو ڪيس تہ ”جيڪڏھن بادشاھت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“

24 تنھن تي ھوءَ ٻاھر نڪري ويئي ۽ وڃي پنھنجي ماءُ کان پڇيائين تہ ”آءٌ ڇا گھران؟“ ھن چيس تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي.“

25 تنھن تي نينگري جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي بادشاھہ کي چيائين تہ ”مون کي ھاڻي جو ھاڻي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالھہ ۾ آڻي ڏيو.“

26 ھن ڳالھہ ھيروديس بادشاھہ کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر ھو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن مھمانن جي روبرو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو.

27 تنھنڪري بادشاھہ چوبدار کي موڪليو تہ ”جلدي يحيٰ جي سسي لاھي کڻي اچ.“ چوبدار روانو ٿيو ۽ جيل ۾ وڃي يحيٰ جي سسي لاٿائين.

28 پوءِ ھن اھا سسي ھڪ ٿالھہ ۾ رکي نينگريءَ کي ڏني، جنھن اھا کڻي پنھنجي ماءُ کي ڏني.

29 جڏھن يحيٰ جي شاگردن ھي ٻڌو تہ ھنن اچي لاش ورتو ۽ ان کي قبر ۾ دفن ڪيائون.

پنج ھزار ماڻھن کي کارائڻ

30 رسول عيسيٰ وٽ واپس اچي گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا ھئائون ۽ ماڻھن کي جيڪا تعليم ڏني ھئائون، تنھن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون.

31 ان وقت ايترا تہ ماڻھو اچن وڃن پيا جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”ھلو تہ ھتان ڪنھن نويڪليءَ جاءِ تي ھلون، جتي ھلي اوھين ٿورو وقت آرام ڪريو.“

32 سو ھو ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڪنھن نويڪليءَ جاءِ ڏانھن روانا ٿي ويا.

33 تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي ماڻھن کين ويندو ڏسي سڃاڻي ورتو. سو اھي سڀيئي پيرين پيادا شھرن مان نڪري پيا ۽ ھنن کان بہ اڳي انھيءَ جاءِ تي وڃي پھتا.

34 جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لھي آيو ۽ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏھن سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇالاءِ⁠جو ھو نڌڻڪين رڍن وانگر ھئا. تنھنڪري ھو کين گھڻيون ئي ڳالھيون سيکارڻ لڳو.

35 جڏھن سج گھڻو لڙي ويو، تڏھن شاگرد گڏجي عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آھي ۽ اسين ھتي سڃ ۾ آھيون.

36 سو ھنن ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ اوسي⁠پاسي جي ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ وڃي ڪجھہ وٺي کائين.“

37 پر عيسيٰ چين تہ ”اوھين ئي ھنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏھن شاگردن پڇيس تہ ”ڇا اوھان جي مرضي آھي تہ اسين وڃي ٻن سَوَن چانديءَ جي سڪن جي ماني وٺي اچون ۽ ھنن کي کارايون؟“

38 تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آھن.“

39 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ھنن ماڻھن کي قطار ۾ ھيٺ سائي گاھہ تي وھاريو.“

40 تنھن تي اھي ماڻھو ⁠سؤ ⁠سؤ ۽ پنجاھہ پنجاھہ جون ٽوليون ٺاھي ويٺا.

41 تڏھن عيسيٰ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي ھٿن ۾ جھلي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ مانين جا ٽڪرا ڀڃندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ اھي ماڻھن ۾ ورھائين. ھن ٻہ مڇيون بہ انھن سڀني ۾ ورھايون.

42 ھر ھڪ ماڻھوءَ کائي ڍءُ ڪيو.

43 پوءِ شاگردن باقي بچيل مانيءَ ۽ مڇيءَ جون ٻارھن کاريون ڀري کنيون.

44 جن ماني کاڌي تن جو تعداد پنج ھزار مرد ھو.

پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ

45 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوھين ڍنڍ جي ھُن ڀر بيت⁠صيدا شھر ڏانھن وڃو.“ ھن ماڻھن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي.

46 شاگردن کان موڪلائي پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو.

47 شام جو ٻيڙي ڍنڍ جي وچ ۾ پھتي جڏھن تہ عيسيٰ اڪيلو سڪيءَ تي ھو.

48 ھن ڏٺو تہ واءُ سامھون گھلڻ ڪري شاگردن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ ھلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تنھنڪري ھو رات جي پوئين پھر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انھن وٽان لنگھيو.

51 پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو تہ واءُ بيھجي ويو. شاگرد ڏاڍا حيران ٿي ويا.

52 اھي مانين واري ڳالھہ نہ سمجھي سگھيا ھئا، ڇالاءِ⁠جو اھا ھنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي ھئي.

گنيسرت جي بيمارن کي شفا ڏيڻ

53 اھي ڍنڍ پار ڪري اچي گنيسرت جي علائقي ۾ پھتا ۽ ٻيڙيءَ جا پڳھہ ٻڌي ڇڏيائون.

54 جيئن ئي ٻيڙيءَ تان لٿا تہ ماڻھن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو.

55 پوءِ اھي ماڻھو سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويا ۽ جتي لاءِ بہ ٻڌائون تہ عيسيٰ آيو آھي اتي پنھنجا بيمار ماڻھو کٽولن تي کڻي پئي آندائون.

56 عيسيٰ ڳوٺن، شھرن ۽ واھڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ ماڻھن پنھنجا بيمار بازارن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مھرباني ڪري بيمار کي رڳو پنھنجي دامن تي ھٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ ھٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16