1 عيسيٰ جڏھن ھيڪل مان ٻاھر نڪتو پئي تہ سندس شاگردن مان ھڪڙي چيس تہ ”اي استاد! ڏسو تہ ڪھڙا نہ سھڻا پٿر ۽ عمارتون آھن!“
2 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تون جيڪي ھي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو، تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو جو ڊاٺو نہ ويندو.“
3 پوءِ عيسيٰ جڏھن زيتون جي ٽڪر تي ھيڪل جي سامھون ويٺو ھو تڏھن پطرس، يعقوب، يوحنا ۽ اندرياس ھن سان نويڪلائيءَ ۾ اچي مليا.
4 انھن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون ۽ ھنن واقعن ٿيڻ لاءِ ڪھڙي نشاني ٿيندي، جنھن مان خبر پوي تہ برابر وقت اچي پھتو آھي؟“
5 تنھن تي عيسيٰ انھن کي چوڻ لڳو تہ ”خبردار ٿجو، متان ڪو اوھان کي ٺڳي نہ وڃي.
6 ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ ھر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آھيان.‘ ائين ھو ڪيترن کي ئي ٺڳيندا.
7 جڏھن اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌو تڏھن نہ گھٻرائجو. اھي ڳالھيون ٿينديون ضرور پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي.
8 قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اھي ڳالھيون تہ مصيبتن جي شروعات آھن.
11 جڏھن ھو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪن تہ وقت کان اڳي ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوھان کي ڇا چوڻو آھي. وقت اچڻ تي اوھان کي جيڪي ڪجھہ ٻڌايو وڃي سو ئي چئجو، ڇالاءِجو جيڪي لفظ اوھين ڳالھائيندا اُھي اوھان جا نہ پر پاڪ روح جا ھوندا.
12 ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنھنجي ماءُپيءُ کان ڦري ويندا ۽ کين مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا.
13 منھنجي نالي جي ڪري ھر ڪو اوھان کان نفرت ڪندو. پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو سو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.“
14 ”جڏھن اوھين خوفناڪ ۽ نفرت جھڙي شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو جتي اُن شيءِ کي بيھڻ نہ گھرجي، (جيڪو انھيءَ بابت پڙھي سو ضرور ان تي غور ڪري.) تڏھن جيڪي يھوديہ ۾ ھجن سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن.
15 جيڪو ماڻھو ڪوٺي جي ڇت تي ھجي سو پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لھي پنھنجي گھر ۾ وڃي وقت نہ وڃائي،
16 ۽ جيڪو ماڻھو ٻنيءَ ۾ ھجي سو بہ گھر ڏانھن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي.
17 انھن ڏينھن ۾ جيڪي پيٽ سان ھونديون، يا جن کي ننڍڙا ٻار ٿڻن تي ھوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.
18 خدا کان دعا گھرو تہ شل اھي ڳالھيون سياري ۾ نہ ٿين.
19 جيڪا مصيبت انھن ڏينھن ۾ ايندي سا اھڙي تہ خراب ھوندي جو خدا جي دنيا پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اھڙي مصيبت نہ ڪا آئي آھي ۽ نہ وري ڪڏھن ايندي.
20 خداوند جيڪڏھن انھن ڏينھن جو مدو نہ گھٽائي ھا، تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ھا. پر ھن پنھنجن چونڊيلن جي ڪري انھن ڏينھن جو مدو گھٽائي ڇڏيو.
21 پوءِ جيڪڏھن ڪو اوھان کي چوي تہ ’اِجھو، مسيح ھيڏانھن آھي‘ يا چوي تہ ’ڏسو، مسيح ھوڏانھن آھي‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو.
22 ڇالاءِجو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.
23 ھوشيار ٿجو، آءٌ اوھان کي ھر ڳالھہ وقت کان اڳي ئي ٿو ٻڌايان.“
24 ”انھن ڏينھن ۾ مٿين مصيبتن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنھنجي روشني نہ ڏيندو.
25 تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.
26 پوءِ ابنآدم ڪڪرن ۾ وڏيءَ قدرت ۽ جلوي سان ايندي ظاھر ٿيندو.
27 پوءِ ھو ملائڪن کي زمين جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن ھو خدا جي چونڊيل ماڻھن کي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين آڻي گڏ ڪن.“
28 ”اوھين انجير جي وڻ مان سبق پرايو. جڏھن ھن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انھن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏھن اوھين سمجھو ٿا تہ اونھارو آيو ڪي آيو.
29 ساڳيءَ طرح اوھين جڏھن ھي ڳالھيون ٿيندي ڏسو، تڏھن ڄاڻجو تہ اھو وقت اچي ويو آھي، بلڪ ائين سمجھجو تہ در تي اچي بيٺو آھي.
30 پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون تيستائين ھيءَ پيڙھي ختم نہ ٿيندي.
31 زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“
32 ”ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڏينھن ۽ اھو وقت ڪڏھن ايندو، نہ آسمان جي ملائڪن کي ۽ نہ فرزند کي خبر آھي، رڳو پيءُ کي ئي خبر آھي.
33 ھوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رھجو، ڇالاءِجو اوھان کي خبر نہ آھي تہ اھو وقت ڪڏھن ايندو.
34 اھو انھيءَ ماڻھوءَ وانگر آھي جيڪو پرديس تي ويو ھجي ۽ گھر مان نڪرڻ مھل پنھنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي ھر ھڪ کي پنھنجو پنھنجو ڪم سونپي ويو ھجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو ھجي تہ ’سجاڳ رھجانءِ.‘
35 تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇالاءِجو اوھان کي خبر نہ آھي تہ گھر جو مالڪ ڪڏھن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مھل يا صبح جو اچي.
36 ائين نہ ٿئي تہ متان ھو اوچتو اچي ۽ اوھان کي ستل ڏسي.
37 جيڪي آءٌ اوھان کي چوان ٿو سو سڀني کي چوان ٿو تہ سجاڳ رھجو.“