22 ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري، جيڪڏھن ائين ڪندو تہ مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تازي مئي نون ساندارن ۾ ڀربي آھي.“
23 ھڪڙي سبت جي ڏينھن عيسيٰ اَنَ جي ٻنين مان لنگھي رھيو ھو. جيئن تہ شاگرد ساڻس گڏ ھلن پيا سو اھي اَنَ جا سنگ پٽي کائڻ لڳا.
24 تنھن تي فريسين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڏسو، اوھان جا شاگرد اھو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينھن تي جائز نہ آھي؟“
25 عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھان اھو نہ پڙھيو آھي تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو ھو، تڏھن دائود ڇا ڪيو ھو؟
26 ھو سردار ڪاھن ابياتر جي ڏينھن ۾ خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو. اتي ھن نذر جون مانيون پاڻ بہ کاڌيون ۽ پنھنجن ساٿين کي بہ ڏنيون، جيتوڻيڪ اُھي مانيون ڪاھنن کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ کائڻ جائز نہ ھيون.“
27 عيسيٰ انھن کي وڌيڪ چيو تہ ”سبت ماڻھن لاءِ ٺھيو آھي، نہ ماڻھو سبت جي لاءِ.
28 ابنآدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“