24 عيسيٰ اھو بہ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ ٻڌو ٿا تنھن تي ڌيان ڏيو، ڇالاءِجو جنھن ماپي سان اوھين ماپي ڏيندا تنھن ئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.
25 ڇالاءِجو جنھن وٽ آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنھن وٽ ڪجھہ بہ نہ آھي تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.“
26 عيسيٰ ٻڌايو تہ ”خدا جي بادشاھت ان ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو پنھنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو.
27 ھو رات جو سمھي ٿو ۽ ڏينھن جو جاڳي ٿو ۽ ٻج اھڙيءَ طرح ڦٽي ھلي ٿو جو ھن کي ان جي خبر ئي نہ ٿي پوي.
28 زمين پاڻھي ئي فصل ڏئي ٿي، پھريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا.
29 پر جڏھن فصل پچي تيار ٿئي ٿو تڏھن ھو ھڪدم انھيءَ ۾ ڏاٽو وجھي ٿو، ڇالاءِجو لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“
30 عيسيٰ چيو تہ ”اسين خدا جي بادشاھت کي ڇا سان ڀيٽيون ۽ ان کي سمجھائڻ لاءِ اسين ڪھڙو مثال ڏيون؟