1 عيسيٰ اتان روانو ٿي موٽي پنھنجي شھر ۾ آيو ۽ سندس شاگرد بہ ھن جي پٺيان آيا.
2 جڏھن سبت جو ڏينھن آيو تہ ھو عبادتخاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻھو ھن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھن اھي ڳالھيون ڪٿان سکيون آھن؟ اھا ڪھڙي دانائي آھي جا کيس ملي آھي؟ ھو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟
3 ڇا ھي اھو ڊکڻ نہ آھي جو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يھوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آھي؟ ڇا ھن جون ڀينرون ھتي نہ ٿيون رھن؟“ تنھنڪري ھنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.
4 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھر نبي پنھنجي وطن، مائٽن ۽ خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آھي.“
5 عيسيٰ اتي ڪن ٿورن بيمار ماڻھن جي مٿان ھٿ رکي شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگھيو.