7 يحيٰ ماڻھن ۾ منادي ڪندو ھو تہ ”منھنجي پٺيان ھڪ اھڙو ٿو اچي جو مون کان بہ وڌيڪ قدرت وارو آھي. آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان.
8 آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر اھو اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“
9 انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ گليل جي شھر ناصرت کان يحيٰ وٽ آيو ۽ يحيٰ کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.
10 جيئن ئي عيسيٰ پاڻيءَ مان ٻاھر نڪتو تہ کيس آسمان کليل نظر آيو ۽ پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لھندو ڏٺائين.
11 تڏھن آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آھيان.“
12 پوءِ جلد ئي پاڪ روح عيسيٰ کي بيابان ۾ وٺي ويو،
13 جتي شيطان کيس چاليھن ڏينھن تائين آزمائيندو رھيو. عيسيٰ جھنگلي جانورن سان گڏ ھو پر ملائڪن سندس سنڀال پئي ڪئي.