مرقس 10:15-21 SCLNT

15 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاھت کي ھڪ ننڍي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، تيستائين اھو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“

16 پوءِ ٻارن کي ھنج ۾ کڻي انھن جي مٿان ھٿ رکيائين ۽ کين دعا ڪيائين.

17 عيسيٰ جڏھن رستي سان ويو پئي تہ ھڪڙو ماڻھو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس آڏو گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“

18 عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ اڪيلي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي.

19 تو کي تہ حڪمن جي خبر آھي تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاھدي نہ ڏي، ٺڳي نہ ڪر ۽ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي عزت ڪر.“

20 تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ جواب ڏنو تہ ”استاد! انھن حڪمن تي تہ آءٌ ننڍي ھوندي کان ئي وٺي عمل ڪندو ٿو رھان.“

21 عيسيٰ ھن کي چتائي ڏٺو ۽ ساڻس پيار ڪيو ۽ چيائين تہ ”تو ۾ اڃا ھڪڙي شيءِ جي گھٽتائي آھي. وڃ ۽ وڃي پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“