مرقس 10:19-25 SCLNT

19 تو کي تہ حڪمن جي خبر آھي تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاھدي نہ ڏي، ٺڳي نہ ڪر ۽ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي عزت ڪر.“

20 تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ جواب ڏنو تہ ”استاد! انھن حڪمن تي تہ آءٌ ننڍي ھوندي کان ئي وٺي عمل ڪندو ٿو رھان.“

21 عيسيٰ ھن کي چتائي ڏٺو ۽ ساڻس پيار ڪيو ۽ چيائين تہ ”تو ۾ اڃا ھڪڙي شيءِ جي گھٽتائي آھي. وڃ ۽ وڃي پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“

22 اھو ماڻھو ھن ڳالھہ تي ڏاڍو ڪومائجي ويو ۽ ڏک ۾ ھليو ويو، ڇالاءِ⁠جو ھو وڏو شاھوڪار ماڻھو ھو.

23 عيسيٰ چوڌاري نھاريندي پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”شاھوڪار ماڻھو ڪھڙي نہ مشڪلات سان خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.“

24 ھنن لفظن تي شاگرد حيران ٿي ويا. سو عيسيٰ ھنن کي وري چيو تہ ”اي منھنجا ٻارؤ! خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.

25 اُٺ جو سئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“