مرقس 11:15-21 SCLNT

15 جڏھن اُھي يروشلم ۾ پھتا تہ عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ اُتي جيڪي واپار ۽ ڏيتي⁠ليتيءَ ۾ رُڌل ھئا، تن کي اتان ڌڪي ڪڍڻ لڳو ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين،

16 ۽ ڪنھن کي بہ ھيڪل مان سامان کڻي وڃڻ نہ ڏنائين.

17 پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي تعليم ڏني تہ ”ڇا اھو لکيل نہ آھي تہ ’منھنجو گھر سڀني قومن لاءِ عبادت جو گھر سڏبو.‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻايو آھي.“

18 سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن ھو موقعي جي تاڙ ۾ رھڻ لڳا تہ ڪنھن بہ طرح عيسيٰ کي ماري ڇڏين. اھي عيسيٰ کان ڊڄن بہ پيا ڇاڪاڻ⁠تہ سڄي خلق ھن جي تعليم تي حيران ھئي.

19 جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد شھر مان نڪري ھليا ويا.

20 ٻئي ڏينھن صبح جو سوير جيئن ھو رستو وٺيو پئي ويا تہ انھن اُھو انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو چوٽيءَ کان وٺي پاڙ تائين سڪي ويو ھو.

21 تنھن تي پطرس کي اُھا ڳالھہ ياد پئي ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي سائين! جنھن انجير جي وڻ کي توھان پاراتو ڏنو ھو، سو سڪي ويو آھي.“