مرقس 11:24-32 SCLNT

24 تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جڏھن اوھين دعا گھرو ٿا ۽ جنھن شيءِ لاءِ گھرو ٿا، تہ يقين ڪريو تہ اھا اوھان کي ملي ويئي آھي ۽ اوھان کي اُھو ئي ملندو جيڪو اوھين دعا ۾ گھرندا.

27 ھو وري يروشلم ۾ موٽي آيا. جيئن عيسيٰ ھيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ وٽس آيا،

28 ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ڪرين ٿو؟ تو کي ھن ڪم جي اختياري ڪنھن ڏني آھي؟“

29 تنھن تي عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ بہ اوھان کان ھڪ سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏھن اوھان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوھان کي ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان آءٌ ھي ڪم ڪريان ٿو.

30 مون کي ٻڌايو تہ يحيٰ جي بپتسما ڪنھن جي طرفان ھئي، خدا جي طرفان يا ماڻھن جي طرفان؟“

31 تنھن تي اُھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ڇا چئون؟“ ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھي جواب ۾ ”خدا جي طرفان“ چون پيا تہ عيسيٰ چوين ھا ”تہ پوءِ اوھان يحيٰ تي ڇو ڪين ايمان آندو؟“

32 پر جيڪڏھن ”ماڻھن جي طرفان“ چون پيا تہ ماڻھن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇوتہ ماڻھو يحيٰ کي سچو نبي ڪري مڃين پيا.