مرقس 12:1-7 SCLNT

1 پوءِ عيسيٰ انھن سان مثالن ۾ ڳالھائڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”ڪنھن ماڻھوءَ انگورن جو ھڪ باغ لڳايو. انھيءَ جي چوڌاري لوڙھو ڏنائين. رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ ھڪ حوض ٺھرايائين ۽ پھري لاءِ ھڪڙو ٺُلھہ بہ ٺھرايائين. پوءِ اھو باغ باغائين ک ي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو.

2 جڏھن انگورن لھڻ جي مند آئي تہ باغائين ڏانھن ھڪڙو نوڪر موڪليائين تہ انگورن جو ڀاڱو وٺي اچي.

3 باغائين انھيءَ نوڪر کي مار ڏيئي خالي ھٿين روانو ڪري ڇڏيو.

4 تنھن تي ھن انھن ڏانھن وري ٻيو نوڪر موڪليو. باغائين ان نوڪر جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو ۽ جٺيون ڪري موڪلي ڇڏيائونس.

5 مالڪ وري ٽيون نوڪر موڪليو تہ انھن ھن کي ماري وڌو، پوءِ ھن ٻين ڪيترن ئي کي موڪليو، جن مان ڪن کي مار ڏنائون تہ ڪن کي اڦٽ ماري وڌائون.

6 باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو ھوس. تنھن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانھن موڪليائين، جو پڪ ھيس تہ ھو انھيءَ جي عزت ڪندا.

7 پر انھن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘