17 تڏھن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“ اھو ٻڌي انھن کي عيسيٰ تي ڏاڍو عجب لڳو.
18 پوءِ ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ موت کان پوءِ ماڻھو وري جيئرا نہ ٿيندا سي عيسيٰ وٽ آيا،
19 ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان جي لاءِ موسيٰ فرمايو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو زال ڇڏي رياولاد مري وڃي تہ ھن جو ڀاءُ اُھا رنزال پرڻجي، تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.
20 ڪي ست ڀائر ھئا، پھرين شادي ڪئي ۽ رياولاد مري ويو.
21 تڏھن ٻئي ان جي رنزال سان شادي ڪئي ۽ اھو بہ رياولاد مري ويو ۽ ٽئين بہ ساڳيءَ طرح اُن سان شادي ڪئي.
22 اھڙيءَ طرح ست ئي رياولاد مري ويا ۽ آخرڪار اُھا عورت بہ مري ويئي.
23 ھاڻي ٻڌايو تہ جڏھن قيامت ٿيندي ۽ سڀيئي جيئرا ٿي اٿندا تہ اُھا عورت ڪنھن جي زال ٿيندي، ڇالاءِجو ستن ئي ھن سان شادي ڪئي ھئي؟“