6 باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو ھوس. تنھن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانھن موڪليائين، جو پڪ ھيس تہ ھو انھيءَ جي عزت ڪندا.
7 پر انھن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘
8 پوءِ انھن ھن کي پڪڙي ماري وڌو ۽ سندس لاش کي باغ جي ٻاھران اڇلائي ڇڏيائون.“
9 تنھن تي عيسيٰ پڇين تہ ”پوءِ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو؟ ھو پاڻ ايندو ۽ اچي ھنن کي ناس ڪندو ۽ انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪندو.
10 ڇا اوھان پاڪ لکت ۾ نہ پڙھيو آھي؟’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو،سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.
11 اھو خدا جي طرفان ڪيو ويو،۽ اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجب جھڙي ڳالھہ آھي.‘“
12 يھودين جي اڳواڻن عيسيٰ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻتہ اھي ڄاڻن پيا تہ ھي مثال عيسيٰ انھن جي خلاف ٻڌايو ھو. پر انھن کي ماڻھن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنھنڪري ھو کيس ڇڏي ھليا ويا.