1 فصح ۽ بيخميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻي ھئي. سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرايون.
2 پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينھن ائين نہ ڪريون، متان ماڻھن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“
3 عيسيٰ جڏھن بيتعنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ماني کاڌي پئي، تہ ھڪڙي عورت سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر عيسيٰ جي مٿي تي ھاريائين.
4 تڏھن اتي ويٺلن مان ڪي پنھنجي دل ۾ ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”ھن عطر جي زيان ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو؟
5 اھو ٽي سؤ چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪڻي غريبن ۾ ورھائجي ھا.“ سو اُھي انھيءَ عورت کي سختيءَ سان نندڻ لڳا.
6 تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”ھن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. ھن منھنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آھي.
7 غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن، سو جڏھن بہ اوھان جي مرضي ٿئي تڏھن انھن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس.