12 بيخميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي جڏھن ھنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏھن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“
13 تنھن تي عيسيٰ پنھنجي شاگردن مان ٻن کي موڪليو ۽ چيائين تہ ”شھر ۾ وڃو. اتي اوھين ھڪڙو ماڻھو ڏسندا، جنھن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل ھوندو. اوھين انھيءَ جي پٺيان وڃجو،
14 ۽ جنھن گھر ۾ اھو ماڻھو گھڙي وڃي انھيءَ گھر جي مالڪ کي چئجو تہ ’استاد چوي ٿو تہ اھو مھمانخانو ڪٿي آھي، جتي ھو پنھنجي شاگردن سان گڏجي عيد فصح کائي؟‘
15 پوءِ ھو اوھان کي ماڙيءَ تي ھڪ وڏو سجايل ۽ تيار ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوھين اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪجو.“
16 شاگرد شھر ڏانھن روانا ٿي ويا ۽ اتي ھر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن عيسيٰ کين ٻڌائي ھئي. سو ھنن اتي عيد فصح تيار ڪئي.
17 جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن سان گڏ اتي آيو.
18 پوءِ جڏھن اھي دسترخوان تي گڏ کائي رھيا ھئا تہ عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“