18 پوءِ جڏھن اھي دسترخوان تي گڏ کائي رھيا ھئا تہ عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“
19 تنھن تي شاگرد ويچارا غمگين ٿيا ۽ عيسيٰ کان ھڪٻئي پٺيان پڇڻ لڳا تہ ”اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“
20 عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُھو اوھان ٻارھن مان ئي آھي، جيڪو مون سان گڏ ٿالھيءَ مان گرھہ ٻوڙي رھيو آھي.
21 ابنآدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابنآدم کي پڪڙائيندو. اُن ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“
22 جڏھن اھي کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“
23 پوءِ ھن پيالو کڻي شڪر ڪري اھو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو.
24 تڏھن عيسيٰ چيو تہ ”ھي منھنجو رت آھي، جيڪو گھڻن ئي جي لاءِ وھائجي ٿو، جنھن سان خدا جو عھد لکيل آھي.