24 تڏھن عيسيٰ چيو تہ ”ھي منھنجو رت آھي، جيڪو گھڻن ئي جي لاءِ وھائجي ٿو، جنھن سان خدا جو عھد لکيل آھي.
25 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آءٌ تيستائين وري ھيءَ مئي نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاھت ۾ نئين مئي نہ پيئان.“
26 پوءِ انھن زبور پڙھيو ۽ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليا ويا.
27 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻتہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘
28 تنھن ھوندي بہ آءٌ پنھنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن ويندس.“
29 تنھن تي پطرس وراڻيس تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوھان کي ڇڏي وڃن، پر آءٌ اوھان کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ويندس.“
30 عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“