مرقس 14:3-9 SCLNT

3 عيسيٰ جڏھن بيت⁠عنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ماني کاڌي پئي، تہ ھڪڙي عورت سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر عيسيٰ جي مٿي تي ھاريائين.

4 تڏھن اتي ويٺلن مان ڪي پنھنجي دل ۾ ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”ھن عطر جي زيان ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو؟

5 اھو ٽي ⁠سؤ چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪڻي غريبن ۾ ورھائجي ھا.“ سو اُھي انھيءَ عورت کي سختيءَ سان نندڻ لڳا.

6 تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”ھن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. ھن منھنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آھي.

7 غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن، سو جڏھن بہ اوھان جي مرضي ٿئي تڏھن انھن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس.

8 ھن عورت کان جو ڪجھہ ٿي سگھيو سو ھن ڪيو. ھن منھنجي جسم تي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي خوشبوءِ ڇڙڪائي آھي.

9 آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جتي منھنجي خوشخبريءَ جي سڄيءَ دنيا ۾ تبليغ ڪئي ويندي، اُتي ھن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل ھن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“