32 جڏھن اھي گٿسيمني نالي باغ ۾ آيا، تڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوھين ھتي ويھي رھو تہ آءٌ دعا گھران.“
33 پوءِ ھن پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو. کيس سخت پريشاني ۽ بيقراري وٺي ويئي ھئي.
34 عيسيٰ انھن کي ٻڌايو تہ ”مون کي ايترو تہ ڏک آھي جو منھنجي دل ٽٽڻ تي آھي. اوھين ھتي ترسو ۽ جاڳندا رھو.“
35 پوءِ عيسيٰ ٿورو پرڀرو وڃي پاڻ کي زمين تي ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ٿي سگھي تہ ھيءَ ڏک جي گھڙي مون تان ٽاري وڃي.“
36 ھن وڌيڪ چيو تہ ”اي بابا! اي منھنجا پيءُ! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو. ھي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“
37 پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ شاگرد سمھيا پيا آھن. پطرس کي سڏي چيائين تہ ”شمعون، تون بہ ستل آھين ڇا؟ ڇا تون ھڪ ڪلاڪ بہ جاڳي نہ پيو سگھين؟“
38 پوءِ انھن کي چيائين تہ ”جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر جسم ڪمزور آھي.“