40 پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو وري بہ ستا پيا آھن، ڇوتہ اھي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن ۽ خبر نہ ٿي پين تہ کيس ڪھڙو جواب ڏين.
41 پر جڏھن ھو ٽيون دفعو انھن وٽ موٽي آيو، تڏھن چيائين تہ ”ڇا اوھين اڃا تائين ننڊون ۽ آرام پيا ڪريو؟ بس، اِجھا، اُھا گھڙي اچي پھتي آھي ۽ ھاڻي ابنآدم گنھگارن جي حوالي ڪيو ويندو.
42 اٿو، ھلو تہ ھلون. ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رھيو آھي سو ويجھو اچي پھتو آھي.“
43 عيسيٰ اڃا ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ انھيءَ سان گڏ ھڪڙي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن، شريعت جي عالمن ۽ بزرگن موڪليو ھو.
44 ھن دغاباز انھن کي اھا نشاني سمجھائي ھئي تہ ”جنھن ماڻھوءَ کي آءٌ چميان سو عيسيٰ ھوندو. ان کي پڪڙجو ۽ پھري ھيٺ وٺي وڃجوس.“
45 ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ اچي ”سائين! سائين!“ ڪري کيس چمي ڏنائين.
46 پوءِ تہ ھنن عيسيٰ کي ٻڌي قابو ڪيو.