45 ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ اچي ”سائين! سائين!“ ڪري کيس چمي ڏنائين.
46 پوءِ تہ ھنن عيسيٰ کي ٻڌي قابو ڪيو.
47 پر ھڪڙو شخص جيڪو ڀرسان بيٺو ھو، تنھن پنھنجي تلوار ڪڍي وڏي ڪاھن جي نوڪر کي ھنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين.
48 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل ھوس جو اوھين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آھيو؟
49 ھيڪل ۾ تہ آءٌ روزانو ويھي تعليم ڏيندو ھوس پر ان وقت تہ اوھان ڪڏھن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر لکت ضرور پوري ٿيندي.“
50 تڏھن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.
51 ھڪڙو نوجوان جنھن کي رڳو چادر ويڙھيل ھئي، سو عيسيٰ جي پٺيان پئي آيو. انھن ڪوشش ڪئي تہ ھن کي پڪڙن.