51 ھڪڙو نوجوان جنھن کي رڳو چادر ويڙھيل ھئي، سو عيسيٰ جي پٺيان پئي آيو. انھن ڪوشش ڪئي تہ ھن کي پڪڙن.
52 پر ھو چادر ڇڏي اگھاڙو ئي ڀڄي ويو.
53 پوءِ اھي عيسيٰ کي وڏي سردار ڪاھن جي گھر وٺي آيا، جتي سڀيئي سردار ڪاھن، بزرگ ۽ شريعت جا عالم اچي گڏ ٿيا ھئا.
54 پطرس ٿورو پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاھن جي گھر جي اڱڻ ۾ آيو. اُتي ھو پھريدارن سان گڏ ھيٺ ويھي رھيو ۽ پاڻ کي باھہ تي سيڪڻ لڳو.
55 سردار ڪاھنن ۽ سڄي ڪائونسل ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ خلاف ڪا شاھدي ملين تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين، پرکين ڪابہ شاھدي ملي نہ سگھي.
56 ڪيترن ئي شاھدن عيسيٰ جي خلاف شاھديون ڏنيون، پر اھي ڪوڙيون ثابت ٿيون.
57 پوءِ ڪي ماڻھو اُٿي بيٺا ۽ عيسيٰ تي ھيءَ تھمت ھنيائون تہ