مرقس 14:6-12 SCLNT

6 تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”ھن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. ھن منھنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آھي.

7 غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن، سو جڏھن بہ اوھان جي مرضي ٿئي تڏھن انھن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس.

8 ھن عورت کان جو ڪجھہ ٿي سگھيو سو ھن ڪيو. ھن منھنجي جسم تي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي خوشبوءِ ڇڙڪائي آھي.

9 آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جتي منھنجي خوشخبريءَ جي سڄيءَ دنيا ۾ تبليغ ڪئي ويندي، اُتي ھن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل ھن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“

10 پوءِ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ اسڪريوتي سردار ڪاھنن وٽ ويو، انھيءَ لاءِ تہ ھو عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.

11 يھوداہ جي ھن ڳالھہ تي اھي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھن کي پيسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ تہ ھو موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.

12 بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي جڏھن ھنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏھن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“