61 پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو ۽ ھڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاھن کانئس ٻيھر پڇيو تہ ”ڇا تون مسيح، سڳوري خدا جو فرزند آھين؟“
62 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو، آءٌ آھيان ۽ اوھين ابنآدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“
63 تڏھن وري سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي.
64 اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا، ھاڻي اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي؟“ تنھن تي انھن سڀني اھا راءِ ڏني تہ ”عيسيٰ کي موت جي سزا ڏني وڃي.“
65 انھن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا ھڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“ پھريدارن کيس چماٽون بہ ھنيون.
66 پطرس اڃا تائين اڱڻ ۾ ويٺو ھو تہ ھڪ نوڪرياڻي ھن وٽان اچي لنگھي.
67 جڏھن ھن پطرس کي پاڻ باھہ تي سيڪيندي ڏٺو تہ ھن ڏانھن چتائي نھاريندي چيائين تہ ”تون بہ عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھئين.“