63 تڏھن وري سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي.
64 اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا، ھاڻي اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي؟“ تنھن تي انھن سڀني اھا راءِ ڏني تہ ”عيسيٰ کي موت جي سزا ڏني وڃي.“
65 انھن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا ھڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“ پھريدارن کيس چماٽون بہ ھنيون.
66 پطرس اڃا تائين اڱڻ ۾ ويٺو ھو تہ ھڪ نوڪرياڻي ھن وٽان اچي لنگھي.
67 جڏھن ھن پطرس کي پاڻ باھہ تي سيڪيندي ڏٺو تہ ھن ڏانھن چتائي نھاريندي چيائين تہ ”تون بہ عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھئين.“
68 پر ھن انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ ”آءٌ نہ ٿو ڄاڻان ۽ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا چئي رھي آھين.“ ھو اھو جواب ڏيئي ٻاھر ڏيڍيءَ ۾ ھليو ويو تہ ايتري ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني.
69 جنھن نوڪرياڻيءَ پطرس کي ڏٺو ھو تنھن اُتي بيٺل ماڻھن کي چيو تہ ”ھي انھن مان ھڪڙو آھي.“