مرقس 14:8-14 SCLNT

8 ھن عورت کان جو ڪجھہ ٿي سگھيو سو ھن ڪيو. ھن منھنجي جسم تي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي خوشبوءِ ڇڙڪائي آھي.

9 آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جتي منھنجي خوشخبريءَ جي سڄيءَ دنيا ۾ تبليغ ڪئي ويندي، اُتي ھن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل ھن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“

10 پوءِ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ اسڪريوتي سردار ڪاھنن وٽ ويو، انھيءَ لاءِ تہ ھو عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.

11 يھوداہ جي ھن ڳالھہ تي اھي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھن کي پيسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ تہ ھو موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.

12 بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي جڏھن ھنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏھن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“

13 تنھن تي عيسيٰ پنھنجي شاگردن مان ٻن کي موڪليو ۽ چيائين تہ ”شھر ۾ وڃو. اتي اوھين ھڪڙو ماڻھو ڏسندا، جنھن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل ھوندو. اوھين انھيءَ جي پٺيان وڃجو،

14 ۽ جنھن گھر ۾ اھو ماڻھو گھڙي وڃي انھيءَ گھر جي مالڪ کي چئجو تہ ’استاد چوي ٿو تہ اھو مھمان⁠خانو ڪٿي آھي، جتي ھو پنھنجي شاگردن سان گڏجي عيد فصح کائي؟‘