1 سردار ڪاھن صبح جو سوير ئي بزرگن، شريعت جي عالمن ۽ سڄي ڪائونسل سان اچي مليا ۽ پنھنجا منصوبا سٽڻ لڳا. اُھي عيسيٰ کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي پلاطس جي حوالي ڪيائونس.
2 پلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو.“
3 سردار ڪاھنن عيسيٰ تي ڪيترين ئي ڳالھين جون تھمتون ھنيون.
4 تنھنڪري پلاطس کانئس وري پڇيو تہ ”ڇا تون ڪجھہ نہ چوندين؟ ڏس، ھنن تو تي ڪيتريون ڳالھيون مڙھيون آھن.“
5 وري بہ عيسيٰ ھڪ لفظ بہ نہ ڳالھايو، تنھن تي پلاطس ڏاڍو حيران ٿي ويو.
6 پلاطس ھر عيد فصح جي موقعي تي ھڪ قيدي آزاد ڪندو ھو، جنھن جي لاءِ رعيت چوندي ھيس.
7 انھن ڏينھن ۾ برابا نالي ھڪ ماڻھو جيل ۾ ٻين باغين سان گڏ ھو جن ھڪڙي فساد ۾ خون ڪيو ھو.