15 پلاطس تہ ماڻھن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو ھن برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ عيسيٰ کي چھبڪ ھڻائڻ کان پوءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين تہ ”وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“
16 سپاھي عيسيٰ کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنھنجن ٻين ھمراھن کي سڏيائون.
17 انھن عيسيٰ کي واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا ڍڪايا ۽ ڪنڊن جو ھڪڙو تاج ٺاھي مٿي تي رکيائونس.
18 پوءِ چوڻ لڳس تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“
19 انھن کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ ھنيا، ٿڪون ھنيائونس ۽ گوڏن ڀر ويھي سجدو ڪرڻ لڳس.
20 جڏھن چٿرون ڪري چڪا تہ واڱڻائي ڪپڙا لھرائي وري ساڳيا پنھنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُھي کيس ٻاھر وٺي آيا تہ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.
21 رستي تي انھن کي شمعون نالي ھڪڙو ماڻھو مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن اچي رھيو ھو. ھو ڪرين جو رھاڪو ھو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پيءُ ھو. انھيءَ کي ھنن زور ڀريو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي.