37 پوءِ عيسيٰ وڏيءَ رڙ سان دم ڏنو.
38 تڏھن ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو.
39 فوجي صوبيدار جيڪو صليب جي اڳيان بيٺو ھو تنھن عيسيٰ کي ائين دم ڏيندي ڏسي چيو تہ ”سچپچ تہ ھي ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“
40 اُتي ڪي عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. انھن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ سلومي ھيون.
41 جڏھن عيسيٰ گليل ۾ ھو تڏھن انھن سندس خدمت ڪئي ھئي ۽ سندس پٺيان لڳيون ھيون. ٻيون بہ ڪيتريون ئي عورتون ھيون جيڪي ھن سان گڏ يروشلم ۾ آيون ھيون.
42 شام ٿي چڪي ھئي ۽ اھا شام سبت جي ڏينھن کان اڳئين تياريءَ جي ڏينھن جي ھئي.
43 تڏھن ارمٿيا جو ھڪ شخص يوسف آيو جو ڪائونسل جو ھڪ معزز ميمبر ھو ۽ پاڻ خدا جي بادشاھت جو ڳولائو ھو. اھو ھمت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش وٺڻ لاءِ عرض ڪيائين.